ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن، ڪرنٽ لڳڻ، خود ڪشي ۽ ٻين واقعن ۾ هڪ فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا. ***جاتي مان محمد صديق ٻارڻ موجب ڳوٺ بوھڙ ۾ 36 سالن جي مختيار علي عباسي پنھنجي ئي گھر ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو اطلاع تي پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال جاتي پھچايو، جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته ھُن جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو.*** ٺارو شاهه مان نمائندي موجب مڃٺ باءِ پاس تي ٻن موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ پيرسن غلام قادر کهاوڙ معصوم نينگري انيشا ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي جنهن کي ٺاروشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته ٽئي زخمي ڪنڊيارون کان مٺياڻي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.***ڪرمپور مان ڪريم بخش ملڪ موجب ڳوٺ گل خان جعفري جو رهواسي 7 سالا نينگر عبدالغفار جعفري پٽ راجا جعفري گهر کان ڪرمپور لاڙو وڃي رهيو هو ته لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل جي ٽڪر سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث شڪارپور کڻائي ويا. ***خانپور مان زبيرگل مطابق انڊس ھاءِ وي ۽ لنڪ روڊن تي مختلف حادثن م موٽرسائيڪلن تان ڪري سلپ ٿيڻ ۽ رڪشا ۽ موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ 10 ڄڻا غلام مصطفي، اسدالله، دوست علي، علي نواز، سجاد احمد، حاجي خان محمد، سھراب، امان الله، عبدالواحد ۽ عثمان زخمي ٿي پيا مڙني زخمين کي الڳ الڳ خانپور اسپتال آندو ويو .










