ٽنڊو مستي(نادر اڄڻ) نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتاري سبب ڪوچ ڪلٽي ٿين سبب 30 جي لڳ ڀڳ مسافر زخمي ٿي پيا. جن مان 4 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. زخمين کي گمبٽ ۽ خيرپور جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. حادثو ڊرٻ ميهر شاھ قومي شاهراھ درگاھ مسڪين پور ڀرسان پيش آيو. ڪوچ ڪراچي کان سوات وڃي رهي هئي. حادثي بعد مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، آس پاس جي ماڻهن کين ٻاهر ڪڍيو، ڪجهه دير بعد موٽر وي پوليس وارا به پهتا جن ايمبولينس گهرائي زخمين کي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو. زخمين ۾نعمت الله، جميلا، سويرا ، عبدالغني ، مسمات سڪينه ، ڪاشف، صائما ، اُم ساجدا، عبدالستار ، 10 ساله اقرا، متل خاتون، عينا، علي، انعم، سلميٰ، ٻن سالن جي حسنيٰ ڪلثوم، فريده ، اڪرام الله ۽ ٻيا شامل آھن.










