ڪوٽ لالو )باغ علي ( امن چودگي ڀرسان ويهو واھ کي 8 ڦٽ گهارو سوين ايڪڙ ڪڻڪ ۽ سرنهن جي فصل لاءِ تيار ڪيل زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، اطلاع باوجود آبپاشي عملو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوء پهتو ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي گهارو بند ڪري ورتو. واهه جا ڪپر ڪمزور آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا عملي کي شڪايت ڪئي وئي ته انهن کي م،ّبون بنائڻ لاءِ ڪم ڪريو پر هو ڪن لاٽار ڪندا رهيا.










