،ڪاپي روڪڻ لاءِ انڊيا ۾ نئون طريقو انتظاميه جي معافي

ڀارت ۾ امتحانن ۾  ڪاپي يعني نقل کان روڪڻ لاءِ انوکو طريقو ڳوليو ويو آهي. ڀارت ۾ هڪ ڪاليج انتظاميا کي ان وقت معافي وٺڻي پئجي وئي، جڏهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ان ئي ڪاليج جي امتحاني ڪمري اندر شاگردن کي پنهنجي ڳچين ۾  پاٺن جا کوکا پارائي ويٺل ڏيکاريو ويو، اهي نڪتل تصويرون ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي ڀڳت پري يونيورسٽي ڪاليج جي شاگردن جون آهن، جيڪي اتي ڪئمسٽري جو پرچو ڏيڻ آيا هيا. تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاگرد پاٺن جا اڳيان کليل دٻا ڪنڌ ۾ پائي ويٺا آهن، جئين اهي پاسي ۾ ٻين جي نقل نه ڪري سگهن. ڪاليج جي هڪ جونيئر آفيسر ان واقعي تي ضلعي انتظاميا کان معافي گهري آهي. ايم بي ستيش بي بي سي هندي سان ڳالهائيندي  نقل روڪڻ جو اهو انوکو منصوبو آزمائڻ تي شرمندگي جو اظهار ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو  ته اسڪول انتظاميا ان منصوبي کي تجرباتي طور تڏهن لاڳو ڪيو جڏهن کين هڪ ٻي اسڪول کان ان کي لاڳو ڪرڻ جي ڄاڻ ملي.

هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه شاگردن جي راضپي سان ڪيو ويو هو، ايتري تائين جو هر شاگرد پاٺن جو دٻو پنهنجي پنهنجي گهران کڻي آيو هو، ان مطابق شاگردن تي ان حوالي سان ڪو به دٻاءُ نه هو، توهان تصويرن ۾ ڏسي سگهون ٿا ته ڪجهه شاگردن کي اهي دٻا پاتل ناهن، ڪجهه شاگردن 15 ۽ ڪجهه وري 20 منٽن کانپوءِ اهي لاهي ڇڏيا هئا. باقي رهيل شاگردن کي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسان پاتل دٻا لاهڻ جو چئي ڇڏيو هو. اطلاع آهن ته ان واقعي جي شڪايت ملڻ کانپوءِ  هڪدم تعليم کاتي جا  عملدار اسڪول پهتا. مقامي پري يونيورسٽي بورڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايس سي پيرزادي ان عمل کي غيرانساني قرار ڏنو آهي. ان ٽائيمز آف انڊيا کي ٻڌايو ته جڏهن مون کي ان واقعي جي سڌ پئي ته مان هڪدم ڪاليج ويس ۽ انتظاميا کي ان کي روڪڻ جي هدايت ڪئي، مون ڪاليج انتظاميا کي نوٽيس به جاري ڪيو آهي، جڏهن ته انهن  خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي. ٻي طرف اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي هنن اهو طريقو ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ لاڳاپيل تعليمي بورڊ جي حڪم تي عمل ڪيو ويندو.( بشڪريه بي بي سي)

پهنجو تبصرو موڪليو