خورشيد شاهه جو تفصيلي چيڪ اپ ڪرايو، 4 نومبر تائين نيب حوالي

سکر(جئيرام داس) آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب عدالت خورشيد شاھ کي 15 ڏينهن جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. نيب ڪورٽ سکر جي جج امير علي مهيسر جي عدالت ۾ نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار جاچ م تعاون نٿو ڪري ۽ سوالن جا جواب به ڏيڻ کان لنوائي ٿو. هن عدالت ۾ نيب پاران گڏ ڪيل اضافي ثبوت پيش ڪيا ۽ استدعا ڪئي ته پڇا ڳاڇا لاءِ سندس جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. سيد خورشيد شاهه جي وڪيل رضا رباني ۽ مڪيش مخالفت ڪئي چيو ته ڪو به نئون ثبوت ناهي تنهنڪري جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد وڌيڪ سماعت ملتوي ڪندي 4 نومبر تي کيس ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نيب پاران عدالت ۾ خورشيد شاهه جي صحت بابت ڪرايل ٽيسٽ بابت رپورٽ پيش ڪئي ته هو فٽ آهي. جڏهن ته دل جي اسپتال “اين آءِ سي وي ڊي” جي ڊاڪٽر پاران ڪيل سندس چيڪ اپ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽر چيو هو ته خورشيد شاهه دل ۽ بلڊ پريشر جو مريض آهي، ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي کيس ننڊ نٿي اچي. جنهن ڪري کيس تفصيلي چڪاس لاءِ اسپتال آندو وڃي. عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته کيس اين آءِ سي وي ڊي ۾ چيڪ اپ ڪرايو ۽ سمورا ٽيسٽ ٿين بعد تفصيلي رپورٽ عدالت م پيش ڪئي وڃي جنهن جي روشني ۾ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو