مچ، ڪول ڪامپليڪس تفصيل، ٽن ڏينهن ۾ 24 دهشتگرد مارجي ويا

مچ، ڪول ڪامپليڪس تفصيل، ٽن ڏينهن ۾ 24 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر بلوچستان ۾ مڇ ۽ ڪولپور ڪامپليڪس تي دهشتگرد حملن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بهادري سان دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڪليئرنس آپريشن دوران گذريل 3 ڏينهن دوران 24 دهشتگرد مارجي ويا، اهي دهشتگرد سرچ آپريشن دوران مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ شهزاد بلوچ، عطاءُ الله، صلاح الدين ۽ عبدالودود شامل آهن. جڏهن ته مارجي ويل باقي دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي تبادلي ۾ 4 قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته فائرنگ جي تبادلي ۾ 2 شهري پڻ شهيد ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو