دنيا جي نرالي بئنڪ، جتي پئسا نه پر فصلن، ميون ۽ ڀاڄين جا ٻج جمع آهن

بئنڪ جو نالو سامهون اچڻ سان هڪدم اهو تاثر اڀرندو آهي ته پئسن، سون. چاندي وغيره کي محفوظ رکڻ جي جاءِ آهي. دنيا ۾ هڪ ٻئي احري به بئنڪ آهي جنهن بابت گهٽ ماڻهن ٻڌو هوندو. هن بئنڪ ۾ پئسا، سون يا چاندي وغيره جمع نه ٿيندا آهن پر اسانجي روز مرهه جي استعمال ۾ ايندڙ فصلن، ميون، ڀاڄين ۽ ٻين خوراڪ وارن ٻوٽن جا ٻج جمع ٿيندا آهن. جي ها آهي نه عجيب ڳالهه! ناروي ۾ قائم مختلف فصلن، ميون، ڀاڄين ۽ ٻوٽن جي 10 لک کان وڌيڪ ٻجن جا قسم جمع ڪيا ويا آهن. سيڊ بئنڪ يعني ٻجن جي بئنڪ نارٿ پول کان 1300 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ برفيلي مقام تي خالي ٿيل ڪوئلي جي کاڻ اندر قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ دنيا جو ڪو به ملڪ يا ادارو  ٻج جمع ڪرائي سگهي ٿو.

ناروي جي سيڊ بئنڪ (تصوير گوگل تان کنيل)

ناروي، فن لينڊ ۽ سوئيڊن جي حڪومتن جي ڪوششن سان قائم هن بئنڪ ۾ 2018 جي ظاهر ڪيل آخري ڊيٽا موجب 983524 قسمن جا ٻج جمع هئا. جن ۾ پٽاٽن جي 32 جنسن جا ٻج به شامل آهن. هي بئنڪ قائم ڪرڻ جو خيال 1984 ۾ ان وقت آيو ته جيڪڏهن قيامت اچي، قدرتي آفت يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري جيڪڏهن فصل تباهه ٿي وڃن ته انهن جو ٻج محفوظ ڪيو وڃي. 2006 ۾ ڪوششون تيز ٿيون ۽ 26 فيبروري تي باضابطه طور هن بئنڪ جو قيام عمل ۾ آيو. هن بئنڪ ۾ ڪنهن به ٻج جي جنس جا 500 داڻا جمع ڪري سگهجن ٿا، هر جنس کي ايئر ٽائيٽ بيگ ۾ ٽن ٽهن جي پيڪنگ ۾ رکيو وڃي ٿو جيئن آلاڻ يا موسچر کان ان کي محفوظ رکي سگهجي. گي دنيا جي 50 اهم پروجيڪٽس م شامل آهي. هني کي سوالبرد سيڊ والي Svalbard seed vault به سڏيو ويندو آهي. هن بئنڪ ۾ جيڪو ملڪ يا ادارو ٻج رکندو اهو جنهن مهل چاهي واپس وٺي سگهي ٿو. هن بئنڪ ۾ 1059646 قسمن جا ٻج جمع ٿيا پر واپس به ورتا ويا ۽ 2018 ۾ جمع ٿيل ٻجن جو تعداد 983524 هو. جنهن برفاني سرنگهه ۾ ٻج جمع ڪيا وڇن ٿا ان جو سراسر گرمي جو پد منفي 18 آهي پر 2016 ۾ وڌيڪ بارشن سبب سرنگهه جي منهن وٽان پاڻي داخل ٿيو ۽ 49 فٽ پاڻي جمع ٿيو جيڪو فريز ٿي ويو. ان سبب ٻجن ڪو نقصان نه ٿيو پر ناروي جي حڪومت ان بعد وڌيڪ گهربل حفاظتي اپائن جو بندوبست ڪيو. 2008 ۾ جڏهن هي بئنڪ قائم ٿي ته 88 لک ڊالر خرچ آيو جيڪو ناروي حڪومت ادا ڪيو. ڪراپ ٽرسٽ ۽ ڪنسلٽيٽو گروپ آن انٽرنيشنل ايگريڪلچر ريسرچ به هن سان لاڳاپيل آهن. ڪراپ ٽرسٽ جو وڏي ۾ وڏي فنڊنگ ڪندڙ ادارو بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن آهي جنهن 100 ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. دني جا ٻيا وڏا مخير به هن اداري جي مالي سهائتا ڪن ٿا، هي ادارو دنيا م خوراڪ متعلق ٻجن تي تحقيق ڪري ٿو ۽ بيمارين کان پاڪ جينياتي ٻجن جي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. هن بئنڪ ۾ آمرڪيا، ڪئنادا، ميڪسيڪو، شام، فلپائن، سوئيزرلينڊ سميت ڪيترن ئي ملڪن جا ٻج جمع آهن. دنيا ۾ زراعت جي 13000 سال پراڻي تاريخ ۾ استعمال ٿيل ٻجن جا قسم جمع آهن. جتي هي بئنڪ قائم ڪيل آهي اتي زلزلو به نهاچي سگهندو ڇو ته هي ٽيڪٽانڪ سرگرمين کان آجو علائقو آهي ۽ سمنڊ جي سطح کان 130 ميٽر مٿي آهي. هتي ڪيترين ئي صدين تائين ٻج محفوظ رکي سگهجي ٿو. ڪجهه سال اڳ جڏهن فلپائن م ٻوڏ آئي هئي ۽ ان بعد سيڊ بئنڪ ۾ باهه لڳڻ سبب اها ختم ٿي وئي هئي. ناروي جي هي سيڊ بئنڪ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قائم 1750 کان وڌيڪ سيڊ بئنڪن جو هڪ وڏو بيڪ اپ آهي. جيئن ڪو به جهاز تباهه ٿيڻ بعد بليڪ باڪس محفوظ رهندو آهي اهري طرح هي سيڊ بئنڪ به دنيا ۾ ٿيندڙ فصلن، ميون، ڀاڄين ۽ ٻين خوراڪ وارن ٻوٽن جي ٻج جو بليڪ باڪس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو