اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عام چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، اِن ۾ ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت واضح ڪري ڇڏيو ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ امن امان بابت اجلاس جاري ٿيل پڌرائي ۾ اليڪشن ڪمشن چيو آهي ته دهشتگردي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز باوجود چونڊ عمل نه روڪيو ويندو، سيڪيورٽي جا چئلينجز موجود آهن، پر اي سي پي مڪمل طور تيار آهي دهشتگردي چونڊ عمل جي سڀ کان وڏي دشمن آهي، امن امان خراب ڪندڙن سان ڪابه نرمي نه ڪئي ويندي، پاڪ فوج جي مدد سان چونڊ عمل ۾ رُخنو وجهندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ امن امان بابت لاڳاپيل ادارن جي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس بعد نگران وفاقي گهرو وزير چيو ته چونڊن بابت ڪنهن جي ذهن ۾ خدشا آهن ته ڪڍي ڇڏي، اي سي پي ۽ نگران حڪومت گڏجي چونڊون ڪرائينديون، چونڊ عمل کي هر صورت ۾ منطقي انجام تي پهچايو ويندو….چيف اليڪشن ڪمشنر جي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چونڊن کان 6 ڏينهن اڳ بيلٽ پيپرز تبديل ڪرڻ جو چيو وڃي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو رستو هوندو؟ چونڊن جي تياري ۾ رڳو بيلٽ پيپرز جو مسئلو آهي، چونڊن لاءِ تياريون اطمينان جوڳيون آهن، سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، اجلاس ۾ انٽيليجنس ادارن خاطريون ڪرايون، مٿن اعتماد آهي، چونڊن ۾ سيڪيورٽي لاءِ فوج، رينجرز ۽ ايف سي کي مقرر ڪيو ويندو، جتي ضرورت پئِي، اُتي وقت کان اڳ فوج مقرر ڪئي ويندي، ڪجهه حساس علائقن ۾ موبائيل فون سروس بند ڪري سگهجي ٿي هڪ سوال جي جواب ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اي سي پي آڏو سموريون پارٽيز برابر آهن، پي ٽي آءِ جا وڪيل ثبوت نه ڏئي سگهيا ته ڪٿي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي آهي، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جو معاملو اڃا تائين اليڪشن ڪميشن وٽ نه آيو آهي










