عدت ۾ نڪاح، ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد

عدت ۾ نڪاح، ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ )اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف نڪاح ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان اڪرم راجا درخواستگذار ۽ شاهدن جا بيان پڙهي عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس سياسي مقصدن لاءِ داخل ڪيو ويو، درخواستگذارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ان معاملي تي پهرين شڪايت ڪڏهن داخل ڪئي وئي؟ پي ٽي آءِ جي باني وڪيل سلمان اڪرم راجا جواب ڏنو ته شڪايت شادي کان 5 سال 11 مهينا پوءِ نومبر 2023ع ۾ داخل ڪئي وئي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته خاور مانيڪا چوي ٿو ته هن 14 نومبر تي بشرا بي بي کي طلاق ڏني، جيڪڏهن شادي پهرين جنوري تي ٿي ته ان وچ ۾ 48 ڏينهن آهن، فيصلو موجود آهي،خاور مانيڪا جي وڪيل رضوان عباسي چيو ته شريعت موجب عيد جو مدو 90 ڏينهن آهي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدت ۾ نڪاح واري ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو