هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ مارجي ويا

هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ مارجي ويا

بلڙي شاهه ڪريم (ن س) بلڙي شاهه ڪريم ويجهوهٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ مارجي ويا،بلڙي شاهه ڪريم ويجهو هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ مارجي ويا، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعو سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو، ڳوٺ ميران محمد شاهه ۾ هٿياربندن سيد هاشم شاهه جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني،گوليون لڳڻ سبب 24 سالن جو نياز شاهه ۽ سندس 55 سالن جي ڀيڻ بي بي بچل ٿڏي تي مارجي ويا، فائرنگ ۾ نوجوان ڪمال شاهه، ٻن سالن جي ٻارڙي انيلا ۽ سندس ماءُ بختاور زخمي ٿي پيا، پوليس لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو،مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته گولاڙچي جي سيد برادري سان تعلق رکندڙ هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان گهر ۾ گهڙي رتوڇاڻ ڪئي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو