ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت سان ملهايو پيو وڃي

ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي دنيا ۾ اڄ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ملهايو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن انتهائي عقيدت سان جلوس برآمد ٿي رهيا آهن. ڪراچي ۾ مک جولس نشتر پارڪ کان نڪرندو صرف ڪراچي ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار تعينات ڪيا ويا آهن ۽ سيڪورٽي جو سخت انتظام ڪيو ويو آهي سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪر موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش آهي. جلوس سان پوليس اهلڪار گڏ گڏ هلي رهيا آهن.*** ڳڙهي خيرو مان جاويد لغاري  موجب  شھر جي مختلف امام بارگاهن کان برآمد ٿيندڙ جلوس پنهنجي مقرر رستن کان ٿيندا پنچ گلي چوڪ وٽ مرڪزي جلوس ۾ شريڪ ٿيا مرڪزي جلوس قصر امام بارگاهه کان برآمد ڪيو ويو.

جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو الحسيني چوڪ ته پھچندو جتي چھلم امام حسين جي مرڪزي مجلس عزا ٿيندي. *** شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو موجب انجمن پاسداران حضرت ابو طالب ۽ شيعا علما ڪائونسل پاران مرڪزي امام بارگاهه سيد شهنشاهه جهانيان تي ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏيڻ لاء ماتمداري ڪري مجلس عزا منعقد ڪئي وئي ، مجلس عزا کي خطاب ڪندي ذاڪرن مولوي امام الدين لانگاهه ، زوار سرفراز چانڊيو ، مولوي گلزار مري چيو ته ڪربلا جو ميدان انسانيت جو درس ڏئي ٿو ، ڪربلا جي ميدان ۾ باطل جي گهڻائي هوندي به فتح حق جي ٿي. *** نواب شاھ مان اي ڪي ڏاهري موجب چاليهي جو مرڪزي جلوس نواب شاھ جي موھني بازار جي مرتضوي امام بارگاھ مان سخت سيڪيورٽي ۾ برآمد ٿيو.

جلوس ۾ علم پاڪ، ذوالجناح، جھولن ۾ مختلف زيارتون موجود هيون. جلوس شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي واپس مرڪزي مرتضوي امام بارگاھ تي اختتام پذير ٿيندو. سيڪورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ جعفريه يوٿ ۽ جعفريه اسڪائوٽ جا ڪارڪن به مقرر ڪيا ويا آهن. *** اوٻاوڙو مان غلام علي رند مطابق مرڪزي الحسيني امام بارگاھ کان ماتمي جلوس نڪتو جنهن ۾ عزادارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جلوس ريتي روڊ کان مين چوڪ تي پهتو عقيدت مندن عزاداري ڪئي  مڇي نما ڇرين ۽ چاڪو  سان ماتم ڪري عقيدت جو اظهار ڪيو. ان دوران رينجر ۽ پوليس جي سخت سڪيورٽي سان جلوس مين بازار کان امام بخاري تي پهتو ۽ ان کان بعد لعل شاھ درگاھ تي عزادارن حاضري ڀرڻ بعد جلسوس الحسيني امام بارگاھ پهتو جتي مجلس ٻڌڻ بعد جلوس روان دوان ٿي ويو. *** هي اسٽوري اپ ڊيٽ ٿيندي رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو