سانگهڙ(ن س) تعليم واري اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو سانگهڙ ۾ ووٽرز کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندئو ته توهان جو پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين،اين اي 209 تي چونڊ مهم دوران ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي فضل الله پيچوهو چيو ته توهان کي اميدوارن جون شڪليون نه ٿيون وڻن ته ڀلي نه وڻن، توهان کي ووٽ شهيدن جي وارثن جي امانت سمجهي ڏيڻو آهي،هن چيو ته منجهند 12 وڳي تائين ووٽ ڏيڻ لاءِ نه پهتا ته اسان ڄام مائينر جو پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين،فضل الله پيچوهو جي ووٽرز کي ڌمڪي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي اميدوارن ۽ فضل الله پيچوهو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي
مشهور خبرون










