لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پوليس اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو پر هو موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.لاهور جي جعفريه ڪالوني واري علائقي ۾ پوليس حماد اظهر جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو.حماد اظهر جي ساٿين پوليس اهلڪارن تي سخت نعريبازي ڪئي، پوليس جي پهچڻ تائين حماد اظهر موقعي تان فرار ٿي ويو.پوليس موجب حماد اظهر کي پناهه ڏيندڙ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار حماد اظهر فرار ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته حماد اظهر 9 مئي تي جناح هائوس حملي جي اهم ڪيس ۾ گهربل آهي.










