چونڊون ملتوي ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي: زبير جمالي

چونڊون ملتوي ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي: زبير جمالي

ڪوئيٽا)ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي نگران گهرو وزير زبير جمالي چيو آهي ته ملڪ شفاف ۽ آزاد چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، هاڻي عام چونڊون ملتوي ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي.ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي زبير جمالي چيو ته بلوچستان حڪومت عام چونڊن جي پرامن انعقاد کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي. صوبي جي سمورن پولنگ اسٽيشنن تي حفاظتي انتظامن کي نظر ۾ رکندي پولنگ اسٽيشنن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.هن چيو ته بلوچستان جي ڪل 5067 پولنگ اسٽيشنن مان 2055 انتهائي حساس، 2280 حساس ۽ 832 پولنگ اسٽيشنز کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي، شهري علائقن ۾ پوليس ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ليويز فورس کي مقرر ڪيو ويندو.نگران گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ايف سي ۽ پاڪ فوج کي هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي، جنهن لاءِ ويجهن ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي سول فورسز جي مدد لاءِ ايف سي ۽ باقاعده پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪيا ويندا.هن چيو ته بلوچستان حڪومت چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن کي برابري جي سڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ان حوالي سان ڪو خدشو آهي ته هو گهرو کاتي کي آگاهه ڪري، حڪومت کين مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو