ايران سان ڇڪتان نه ٿا چاهيون، لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو

ايران سان ڇڪتان نه ٿا چاهيون، لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي سلامتي ڪميٽي ملڪ جي سالميت ۽ خودمختياري تي سمجهوتو نه ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي،نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ تي غور ڪيو ويو،ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران پرڏيهي وزير کي سفارتي محاذ تي ڳالهين تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته بچاءَ واري وزارت جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني،ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهيو ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ويو،ذريعن موجب اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان ايراني سرزمين تي انٽيليجنس جي بنياد تي ڪامياب آپريشن ڪيو، پاڪستان ايراني سرزمين تي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته ايران ۾ پاڪستان جي سفير به اجلاس ۾ بريفنگ ڏني،ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو،ذريعن موجب ڪميٽي ملڪي سالميت ۽ خودمختياري تي سمجهوتو نه ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.هوڏانهن ايران پاران ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي خواهش کانپوءِ پاڪستان ايران سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اجلاس جي فيصلن جي تصديق ڪئي وئي،پاڪستان ايران سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪابينا ايران سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران پرڏيهي وزير ڪابينا اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ايران تازو ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جو چوڻ هو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، ايران سان لاڳاپا خراب ٿيڻ نٿا چاهيون، ايران غلط قدم کنيو آهي جنهن جو هن جواب ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو