ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ، اداڪار ۽ فلمساز عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ۽ اڳوڻي زال رينا دتا جي شادي جي قيمت صرف 10 رپيا هئي.عامر خان ۽ سندس پهرين ۽ اڳوڻي گهرواري رينا دتا جي ڌيءَ ايرا خان ۽ فٽنيس ٽرينر نوپور شڪري جو اڄڪلهه منفرد انداز ۾ بحث هلي رهيو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته گذريل ڏينهن اداڪار عامر خان پنهنجي پهرين شادي جي قيمت جو انڪشاف ڪيو هو. سڀني کي حيران ڪيو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عامر خان 1986ع ۾ پنهنجي پاڙيسري ۽ فلم پروڊيوسر رينا دتا سان شادي ڪئي جيڪا بعد ۾ 2002ع ۾ طلاق تي ختم ٿي وئي.هن گذريل ڏينهن هڪ پروگرام دوران انڪشاف ڪيو هو ته مون ۽ رينا دتا جي شادي تمام سستي ۾ ڪئي، اسان ٽنهي شاهدن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي به ٻڌائڻ کانسواءِ ڪورٽ ميريج ڪئي، جيڪا انتهائي سستي شادي هئي.پنهنجي پهرين شادي جا تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته مون رينا دتا کي شادي جي آڇ ڪئي، جنهن کي هن شروع ۾ رد ڪري ڇڏيو، بعد ۾ اسان هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪيو ۽ آخرڪار شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.عامر خان موجب شادي جي فيصلي کانپوءِ هو رجسٽرار آفيس وڃڻ لاءِ بس ۾ سوار ٿيو، جنهن جي ٽڪيٽ 50 پئسا هئي، هو باندرا اسٽيشن تي لهڻ بعد ٿوري پنڌ کان پوءِ رجسٽرار آفيس پهتو.اهڙيءَ طرح سندن شاديءَ جو خرچ 10 روپين کان به گهٽ هو.ساڳئي انٽرويو ۾ عامر خان رينا دتا کان الڳ ٿيڻ جي ڳالهه ڪندي چيو ته رينا سان منهنجي شادي کي 16 سال گذريا. 2002 ۾ جڏهن اسان جدا ٿي ويا هئاسين، اهو نه رڳو اسان ٻنهي لاءِ پر اسان جي خاندانن لاءِ به هڪ تمام ڏکيو فيصلو هو.واضح رهي ته عامر خان ۽ رينا دتا کي ٻه ٻار آهن، هڪ ڌيءَ آئرا خان ۽ هڪ پٽ جنيد خان.










