برطانوي شاهي جوڙي جو يادگار پاڪستان جو دورو، رڪشي ۾ آمد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانيا جو شاهي جوڙو ڊيوڪ ۽ ڊچز آف ڪيمبرج شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن اڱاري تي ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس جو دورو ڪيو. صدر عارف علوي خاتون اول سان گڏ سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. ملاقات ۾ شاهي جوڙي موسمياتي تبديلين ۽ غربت جي خاتمي بابت حڪومتي اپائن جي ساراهه ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم هائوس پهتو ته عمران خان هنن جو خير مقدم ڪيو.

جوڙي يونيورسٽي ڪالوني ۾ ماڊل گرلز ڪالج جو دورو به ڪيو ۽ شاگردياڻين سان مليو. 4 ڏينهن جي دوري تي آيل جوڙي مرگلا جي پهاڙن جو نظارو به ڪيو. ياد رهي ته هو سومر تي شام جو دير سان پاڪستان پهتا هئا. شام جو هنن يادگار پاڪستان شڪر پڙيان جو دورو ڪيو، هو پاڪستاني لباس ۾ پهتا ته خوبصورت ڌنون وڄائي جهمرين ۽ دهلن سان سندن استقبال ڪيو ويو، جنرل زبير، ايئر فورس جو چيف، آصف غفور ۽ ٻيا فوجي اڳواڻ سندن استقبال لاءِ موجود هئا. شهزادي شيرواني ۽ چوڙي دار پاجامو پائي آيو. ان موقعي تي پاڪستان شوبز جون اهم شخصيتون به موجود هيون. ياد رهي ته هو سومر تي نور خان ايئربيس تي کين ريد ڪارپيٽ ويلڪم ڏنو ويو ، پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ ٻنهي ملڪن جي وفدن سندن شاندار استقبال ڪيوهو . هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم سان ملندا، لاهور، شوڪت خانم اسپتال، بادشاهي مسجد، اتريان علائقا ۽ خيبرپختونخواه به ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو