ڀارتي تاريخ جو وڏو سيڪس اسڪينڊل سامهون اچي ويو

ممبئي (ڊيسڪ نيوز) ڀارت ۾ هن مهل تائين جو سڀ کان وڏو سيڪس اسڪينڊل سامهون آيو آهي جنهن ۾ 08 رياستي وزيرن، هڪ درجن وڏن بيوروڪريٽن ۽ امير ترين ماڻهن کي نوجوان ڇوڪرين پنهنجي ڄار ۾ ڦاسايو. ڀارتي ٽي وي چينل ”اين ڊي ٽي وي“ مطابق اهو اسڪينڊل مڌيا پرديش رياست ۾ سامهون آيو آهي ۽ مقامي پوليس ان کي ڀارت جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سيڪس اسڪينڊل قرار ڏئي رهي آهي. خبرن مطابق 05 مرڪزي ملزم عورتن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي هڪ اين جي او جي نالي تي وزيرن، سرڪاري آفيسرن، واپارين ۽ امير ماڻهن کي پيار جي آسري ۾ ڦاسائي بليڪ ميل ڪنديون هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته اهي عورتون ڦاسايل ماڻهن سان هڪ هزار قابل اعتراض وڊيوز ۽ اگهاڙيون وڊيوز رڪارڊ ڪري چڪيون آهن. اسڪينڊل جي مرڪزي ملزمه 39 سالن جي شويتا جين اعتراف ڪيو آهي ته هن انهيءَ اسڪينڊل جو منصوبو تيار ڪيو جنهن خاطر هن غريب گهراڻن جي ڇوڪرين جون خدمتون حاصل ڪيون. بعد ۾ گينگ جون پنج ئي مرڪزي ملزم عورتون پنهنجي الڳ الڳ گينگ ٺاهي بليڪ ميلنگ ڪنديون رهيون. انهيءَ اسڪينڊل کي ”هني ٽرپ“ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ پوليس کي وزيرن، بااثر ماڻهن جون اگهاڙيون وديوز به هٿ آيون آهن.

 ٻڌايو ويو آهي ته اسڪينڊل ۾ صحافي خاص ڪري اخبارن جا ايڊيٽر ۽ هڪ ٽي وي چينل جو مالڪ به شامل آهي. جن مٿان الزام آهي ته اهي عورتن ۽ بليڪ ميل ٿيندڙ وچ ۾ ٺاهه ڪرائيندا هئا. اهي صحافي اهو تاثر ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته هو امير ۽ بااثر ماڻهن کي بدناميءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.  

پهنجو تبصرو موڪليو