خان جي اٽڪ کان اڊياله منتقلي جي درخواست تي اعتراض ختم

خان جي اٽڪ کان اڊياله منتقلي جي درخواست تي اعتراض ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار جو وڪيل شير افضل مروت عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ طرفان پاور آف اٽارني پيش ڪيو ۽ چيو ته جيلن بابت ضابطا موجود آهن.چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان کي ٻڌائينداسين ته قانون جيڪو به آهي ان موجب حڪم ڏينداسين، هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکو، جيل جي رولز ۾ جيڪو هوندو اهو ئي حڪم ڏينداسين.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جو نمبر اچڻ بعد سڀاڻي ٻيهر ٻڌڻي ٿيندي، درخواست ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو