اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم تي بحث وقت کان اڳ آهي، ان جو فيصلو پي ٽي ايم ۽ اتحادي قيادت ڪندي.خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته نگران وزيراعظم جي مقرري بابت اڃا تائين مشاورت شروع نه ٿي آهي، قيادت جيڪو فيصلو ڪندي اهو قبول ڪيو ويندو.هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار وڌائڻ کانسواءِ ملڪ نٿو هلي سگهي، 60 بدران 90 ڏينهن جو مدو هئڻ گهرجي.هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ جا سنجيده ماڻهو 9 مئي جي واقعي کانپوءِ ورهائجي ويا آهن.ناڻي واري وزير چيو ته مون چيو هو ته پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيندو، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي حقيقي قدر 244 رپيا آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي شروع ٿي. اسحاق ڊار چيو ته 5 سالن جي نااهلي بابت پارليامينٽ فيصلو ڪيو آهي، نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي نااهلي جا 5 سال پورا ٿي ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ڌماڪي سان وطن واپس ايندو ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندو، ملڪ کي نواز شريف جهڙي ليڊر جي ضرورت آهي.










