ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي نيپرا پاران بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ 4.96 رپيا اضافي کي بدترين مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جي شڪار عوام مٿان ڊرون حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده اضافي ۽ ٽيڪسن لڳڻ کان پوءِ بجلي جي قيمت في يونٽ پنجاب رپين تائين پهچي ويندي جيڪو عوام سان ظلم آهي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ هن بجلي جي قيمتن ۾ تازو اضافو مسترد ۽ في الفور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته هڪ طرف اٽي، کنڊ، دوائن ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون پنهنجا نوازي ۽ ارب پتي غريب عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن ته ٻي پاسي پنهنجي عياشين جي خرچن جو بار به عوام مٿان وڌو پيو وڃي، روس کان پيٽرول ملڻ جي خوشي ۾ ڀنگڙا وجهڻ وارن قيمتون گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيون جڏهن ته هاڻي وري عوام کي بجلي جو 11 هزار جهٽڪو ڏنو پيو وڃي، هن هفتي ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب مهانگائي جي شرح ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، پي ڊي ايم حڪومت پاران آءَ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جو انديشو آهي ته ٻي طرف حڪومتي بدترين معاشي پاليسين جي ڪري اڄ ڪاروبار تباه، بيروزگاري ۾ اضافو ۽ عوام مٿان ٽيڪسن جو پهاڙ لڳائي عام ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته موجوده پي ڊي ايم حڪومت جي ڏيڍ ساله دور ۾ بجلي، گيس، پيٽرول، اٽي، کنڊ سميت روزاني استعمال وارين شين جي قيمتن جا سڀئي رڪارڊ ٽٽي ويا آهن، سنڌ حڪومت جا وزير ڪي اليڪٽرڪ جي مذمت جڏهن ته نيپرا پاران روزانو بجلي قيمتن ۾ اضافي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. صوبائي امير مطالبو ڪيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ۽ تازو نيپرا پاران بجلي قيمت ۾ ڪيل اضافو واپس ورتو وڃي ته جئين بدترين مهانگائي جي ماريل عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي..










