نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت ڪئي وڃي، حليم جو مراد کي خط

نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت ڪئي وڃي، حليم جو مراد کي خط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي نگران وڏي وزير جي نالي تي صلاح مشورا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي خط ۾ حليم عادل شيخ چيو ته نگران وڏي وزير جي چونڊ تي اپوزيشن ليڊر سان مشاورت قانون جو حصو آهي، سنڌ ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت ٿيڻ گهرجي.حليم عادل شيخ پنهنجي خط ۾ چيو ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ ۾ 30 ڏينهن کان به گهٽ وقت بچيو آهي.جڏهن به توهان چاهيو ته مشاورت لاءِ انهن کي گهرايو ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو