ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جاري، ٽنڊوباگو شھر سميت ڀرپاسي وارن علائقن تيز برسات جو وسڪارو وقفي وقفي سان جاري رهيو، ٽنڊوباگو شھر سميت ڀرپاسي جي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي سان ڀرجي ويا آهن، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي وڃڻ ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. جڏهن ته برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي…..سانوڻي مند جي برسات بدين شھر سميت سڄي تعلقي ۾ڪالھ ٻي ڏينھن به جاري رھي برسات جي ڪري ڪاروبار مڪمل طور تي ٺپ ٿي ويو شھر جي قائد اعظم روڊ شھباز روڊ سيراڻي روڊ کوسڪي روڊ گولاڙچي روڊ شاھي بازار شاھ عبداللطيف ڀٽائي روڊ اسٽيشن روڊ بس اسٽاپ وارن علائقن ۾ھر طرف برساتي پاڻي بيھي رھيو برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو شھر جي ھيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي گھرن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڇتيون ٽمي پوڻ جي ڪري رھواسي سخت پريشاني ۾ برسات کان بچڻ لاء جتن ڪندا رھيا گرمي جا ستايل ٻارڙا برسات بند ٿيندي ئي رستن تي نڪري آيا ۽ برساتي پاڻي ۾ سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن تي چڙھي موسم جو مزو وٺندا رھيا برسات جي وسڪارن کان پوء ھفتي کان ھلندڙ سخت گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ ھر طرف جل ٿل ٿي ويو










