لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي ڀاءُ عالمگير ترين خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس ذريعن موجب عالمگير ترين پاڻ کي مٿي ۾ پستول سان گوليون هڻي خودڪشي ڪئي.ترين هڪ مشهور واپاري ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ٽيم ملتان سلطانز جو مالڪ ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمگير لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ واقع پنهنجي گهر ۾ موجود هو.پوليس اختيارين موجب عالمگير ترين خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هڪ نوٽ به ڇڏيو جنهن ۾ هن پنهنجي بيماري جو ذڪر ڪيو آهي. ٻئي طرف سندس ويجهن دوستن جو چوڻ آهي ته کين عالم ترين جي بيماري جي خبر ناهي.عالمگير ترين غير شادي شده هو، سندس دوستن موجب عالمگير ترين جي عمر 63 سال هئي، منگني ٿي هئي ۽ ڊسمبر ۾ شادي ڪرڻ وارو هو.ذريعن موجب عالمگير ترين گذريل رات پنهنجي بيڊ روم ۾ سمهڻ لاءِ ويو هو پر صبح 10 وڳي تائين ڪمري جو دروازو کڙڪائڻ کانپوءِ جڏهن ٻاهر نه آيو ته ملازم دريءَ مان ڏٺو ته کيس رت ۾ لت پت ڏٺو. فوري طور تي جهانگير ترين کي اطلاع ڏنو.










