ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برلن ۾ اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ سنڌ جي 36 رانديگرن ملاقات ڪئي.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسپيشل اولمپڪس جي رانديگرن جي پروموشن لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا، سنڌ حڪومت اسپيشل اولمپڪس لاءِ اسپيشل گرائونڊ ٺاهيندي.مراد علي شاهه چيو ته اسپيشل اولمپڪس لاءِ عالمي معيار جي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيان ٿو.هن وزيراعليٰ هائوس ۾ سفير عابد کي اسپيشل اولمپڪ چائلڊ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سفير عابد هڪ سائيڪلسٽ آهي ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ پڻ سٺو ڪم ڪري ٿو.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ 11 مختلف راندين ۾ حصو ورتو، انهن راندين ۾ ايٿليٽڪس، بيڊمنٽن، باسڪٽ بال، هاڪي، ٽيبل ٽينس، سوئمنگ ۽ ٻيون رانديون شامل آهن.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب اسپيشل اولمپڪس جا رانديگر گرين شرٽس ۾ ملبوس هئا ۽ مراد علي شاهه پنهنجي سيٽن تي وڃي رانديگرن سان ملاقات ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير پڻ تاڙيون وڄائي رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي.واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم اسپيشل اولمپڪس ۾ 10 گولڊ، 29 سلور ۽ 40 برونز ميڊل کٽي چڪا آهن.










