غفور شاهه جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو

غفور شاهه جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو

ٺٽو(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) سنڌ جي نامياري مزاحمتي ء رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقويء جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ ڪلچرل فورم ضلع ٺٽي طرفان فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ،سنڌ آبادگار فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد افضل آرائين،مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ،ٺٽو بچايو فورم جي جمشيد قريشي قومي عوامي تحريڪ ضلع ٺٽي جي صدر شبير ڀٽي،نوجوان شاعر دلاور شيخ، ڪيمونيسٽ پارٽي ء جي ڊاڪٽر ولي جاکروسياسي سماجي صحافتي اڳواڻ جاويد لطيف ميمڻ، گلاب لنڊ ۽ ٻين جي قيادت ۾ ڊي سي چوڪ مڪليءَ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جو مشھور مزاحمتي ء رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي گزريل ڪيترن سالن کان مختلف بيمارين سان جھيڙي رھيو آھي پر سنڌ سرڪار سندس ڪابه سار لھڻ لاءِ تيار نه آهي انڪري سنڌ ڪلچرل فورم اڄ جي احتجاج ڪري سنڌ حڪومت ء ثقافت کاتي کان پرزور ڪري ٿو ته سائين غفور شاھ تقويء جو ھنگامي بنيادن تي سرڪاري تي علاج ڪرائي سندس لاءِ ماھوار وظيفو مقرر ڪري جيئن سنڌ جو ھي طرفدار شاعر زندگيء جو پنڌ آساني سان ڪري سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو