ڪرائي جي بجلي گهرن واري ڪيس ۾ انور بروهي جي پلي بارگين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪرائي جي بجلي گهرن واري ڪرپشن ڪيس ۾ انور بروهي ساڍا 8 ڪروڙ پليبارگين هيٺ نيب کي ڏيڻ تي راضي، سندس نالو ملازمن جي لسٽ مان خارج ڪيو وڃي. اهڙي درخواست سومر تي نيب جي وڪيل احتساب عدالت ۾ پيش ڪئي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيب جو چيئرمين بروهي جي درخواست منظور ڪري چڪو آهي. انور بروهي لاکڙا بجلي گهر جو  سربراهه هو ۽ هن ترڪي جي ڪرائي واري بجلي گهر سان معاهدو ڪيو هو. ترڪي جي ڪمپني ڪارڪي سامونڊي جهاز ۾ فٽ ٿيل بجلي گهر پورٽ قاسم تي بيهاريو هو، جيڪو معاهدي موجب بجلي پيدا نه ڪري سگهيو ۽ رڳو 30 کان 55 ميگا واٽ بجلي ٺاهيندو هو 41 روپيا في يونٽ جي حساب سان وڪڻندو هو. پيپلز پارٽي وارن 2008/9  ۾ 12 ڪرائي جا بجلي گهر گهرايا جن مان ڪارڪي به هڪ هو. راجا پرويز اشرف تي هي ڪيس آهي ۽ ان سبب راجا رينٽل نالو به پيو. ترڪ ڪمپني 8 ڪروڙ ڊالر بدران 12 ڪروڙ دالر ڪليم ڪيو هو. جنهن تي نيب سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ته ترڪ ڪمپني هڪ ڪروڙ 80 لک ڊالر نيب کي واپس ڪرڻ ۽ عالمي عدالت ۾ ڪيس نه ڪرڻ جو معاهدو ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي پر ان وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري از خود نوٽيس وٺي ڊيل رد ڪندي 12 ڪروڙ ڊالر واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن بعد ترڪ ڪمپني عالمي ثالثي ٽريبونل ۾ ڪيس ڪيو  ۽ 8 ڪروڙ حرجاڻو طلب ڪيو ۽ هو ڪيس کٽي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو