مردان ۾ هڪ ڏينهن ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 18 ڄڻا فوت

مردان ۾ هڪ ڏينهن ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 18 ڄڻا فوت

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي شهر مردان ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.مردان ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طارق محمود کي ٻڌايو ته 24 جون تي مردان ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 18 ڄڻا فوت ٿيا هئا، فوتين جي عمر 50 سالن کان مٿي هئي ۽ انهن مان اڪثر گهرواريون هيون.اسپتال جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته هيٽ اسٽروڪ جي مريضن لاءِ خاص وارڊ قائم ڪيو ويو آهي، هيٽ اسٽروڪ جي مريضن لاءِ خاص وارڊ قائم ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف سخت گرمي باوجود پشاور جي 6 مضافاتي علائقن ۾ 16 ڪلاڪن کان بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ترجمان پيسڪو موجب ڪي پي ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق سبب لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو آهي، بجلي جي فراهمي 2 هزار 150 ميگاواٽ ۽ طلب 3 هزار 310 ميگاواٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو