مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان مراد سڀاڻ حلف کڻندا

مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان مراد سڀاڻ حلف کڻندا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي نئين چونڊيل ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد سڀاڻي حلف کڻندا.ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي حلف برداري تقريب گلشن جناح پولو گرائونڊ ڪراچي ۾ ٿيندي.اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز چوهان ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کان حلف کڻندو.اختيارين موجب سنڌ ۾ ڪائونسلز جي سربراهن جي حلف برداري سڀاڻي ٿيندي، سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو عمل سڀاڻي مڪمل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو