ڪراچي ، پي ٽي آءِ يوسي چيئرمين گهر مان اغوا

ڪراچي ، پي ٽي آءِ يوسي چيئرمين گهر مان اغوا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي يوسي 8 صفورا ٽائون جي چيئرمين کي مبينا طور نامعلوم ماڻهن سندس گهر مان اغوا ڪري ورتو.يوسي چيئرمين ارشد حسين گذريل رات حافظ نعيم الرحمان جي حمايت ۾ وڊيو بيان جاري ڪيو.ذريعن موجب ارشد حسين به رات 10 وڳي جماعت اسلامي جي جلسي ۾ شرڪت ڪري رهيو هو، گهر پهچڻ تي سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن ارشد حسين کي کنڀي کنيو. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سفيد ۽ ڪاري ڪار ۾ 6 کان 8 ڄڻا آيا ۽ کين زبردستي کڻي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو