ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سامونڊي علائقن جي موسمي صورتحال کان پوري طرح باخبر آهي.شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مهاڻن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اونهي سمنڊ ۾ نه وڃن.هن چيو ته ساحلي علائقن جي ضلعن جي انتظاميه مڪمل الرٽ آهي.سنڌ جي اطلاعات واري وزير اهو به ٻڌايو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سرڪاري ملازمن کي ضلعن کان ٻاهر نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.










