ڊي سي ڏکڻ، مون سون برساتن جي ڏس ۾ ورتل اپائن جو جائزو

ڊي سي ڏکڻ، مون سون برساتن جي ڏس ۾ ورتل اپائن جو جائزو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ غلام مرتضٰي شيخ برساتي نالن جي جاري صفائي ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪال جي ڏس ۾ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ضلعي ڏکڻ جي چار سب ڊويزنن لياري، آرم باغ، صدر ۽ گارڊن جو دورو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ چيو ته ضلعي ڏکڻ ۾ سمورن ننڍن وڏن برساتي نالن، چوڪنگ پوائنٽس سميت سمورن پمپنگ اسٽيشن تي نظر رکي پئي وڃي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح آهي برساتن سان ٿيڻ واري امڪاني نقصانن کان بچاءُ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جو پاڻ ۾ گڏيل رابطو انتهائي ضروري آهي عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ سمورا دستياب وسيلن ۽ افرادي قوت کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ غلام مرتضٰي شيخ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڏني ته هو روزانه جي بنياد تي برساتي نالن ۽ پمپنگ اسٽيشنن جو دورو ڪن ۽ برساتي نالن جي طرفن غيرقانوني حددخلين کي فوري طور تي ختم ڪرائين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو