نامزد اميدوارن کي مبارڪ،وهاب جي ملاقات،عوام جي خدمت ڪريو

نامزد اميدوارن کي مبارڪ،وهاب جي ملاقات،عوام جي خدمت ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر جو پيغام ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيوته مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي سان سنڌ ۾ عوامي خدمت ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿي رهيو آهي،تازو مڪاني چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي کان ڪشمور تائين تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي،هي ڪاميابي عوام جي قائد ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي ۽ فلسفي تي عوام جي ايمان جو مظهر آهي،هي ڪاميابي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويزن ۽ قيادت تي اعتماد جو ثبوت آهي،هي ڪاميابي صوبي جي عوام جي ڪاميابي آهي، جيالن جي محنت ۽ قربانين جو ثمر آهي،مون کي يقين آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا نوان چونڊيل مڪاني نمائندا پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب ڏينهن رات ڪم ڪندا،عوام مڪاني ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ چونڊيل نمائندن سان ڀرپور تعاون ڪري،مڪاني ادارن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ خاص ڪري نوجوانن، شاگردن، عورتن ۽ سول سوسائٽي کي قيادت جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، هاڻي مڪاني ادارن جا مسئلا حل ڪرڻ جي امتحان ۾ سرخرو ٿيندي،هوڏانهن ڪراچي جي ميئر لاءِ پارٽي جي نامزد اميدوار مرتضيٰ وهاب پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي.مرتضيٰ وهاب زرداري هائوس ڪراچي ۾ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي، گلدستو پيش ڪيو.مرتضيٰ وهاب ميئر ڪراچي جي عهدي لاءِ پارٽي طرفان نامزد ٿيڻ تي قيادت جا ٿورا مڃيا،مرتضيٰ وهاب صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جا ٿورا مڃيا،فريال ٽالپر مرتضيٰ وهاب کي ميئر ڪراچي جي عهدي لاءِ اميدوار نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، نيڪ خواهشن ۽ دعائن جو اظهار ڪيو، فريال ٽالپر چيو ته مرتضيٰ وهاب جي قيادت ۾ بلدياتي ادارا شهر جي عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪندو،مرتضيٰ وهاب بصيرت رکندڙ ۽ محنتي جيالو آهي، شهر کي ترقي جي نئين بلندين تي وٺي ويندو،مون کي يقين آهي ته مرتضيٰ وهاب نيون ذميواريون سٺي نموني نڀائيندو ۽ ڪراچي جي عوام جون دليون کٽندو

پهنجو تبصرو موڪليو