خانواهڻ (ن س) سياسي، سماجي ۽ سولل سوسائٽي سميت مختلف برادرين، اديبن ۽ صحافين پاران ٺل جي سوشل ورڪر صدام لاشاري جي ناحق قتل ۽ ھنڱورجا مان اڍائي مھينا اڳ اغوا ٿيل نينگر جعفر ڀٽو جي بازيابي لاء پريس ڪلب ڪوٽڙي ڪبير صدر ,عبدالرزاق لاشاري, سيد جاني شاھ, غلام حسين چانگ, بچل ھـنڱورو, قاضي اياز عالم، ظفر گھانگھرو , محسن ملاح نذير سولنگي, پرويز احمد لاشاري ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ڪندڙن چيوته ٺل ۾پوليس سوشل ورڪر صدام لاشاري کي سماجي براين جي نشاندهي ڪرڻ تي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو جيڪو وڏو ظلم آھي انھي ظلم جي خلاف احتجاج ڪري رھيا آھيون ۽ ھنڱورجا مان اغوا ٿيل نينگر کي اغوا ٿئي اڍائي مھينا گزري ويا آھن پوليس بازياب ڪرائي نه سگھي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي صدام لاشاري جي ناحق خون جو انصاف ڪيو وڃي ۽ ھنگورجا مان اغوا ٿيل معصوم نينگر جعفر ڀٽو کي بازياب ڪرايو وڃي










