ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهندڙن جو دور گذري چڪو

ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهندڙن جو دور گذري چڪو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي گهرجي ته بلاول ڀٽو زردري تي تنقيد ڪرڻ بدران ڪراچي کي پنهنجي عملن جو حساب ڏي ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهندڙن جو دور گذري چڪو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم بلديات جي ذريعي ڪراچي تي حڪومت ڪندي رهي آهي هن ڀيري مڪاني چوندن کان ايم ڪيو ايم ڇو ڀڳي محمد حسين ان جو جواب ڏي سعيد غني چيو ته ڪائي عوامي پارٽي چوندن جو ميڊان ڇڏي ناهي ڀڄندي سعيد غني چيو ته پريس ڪانفرنس ڪري پيپلزپارٽي جي قيادت تي الزام لڳائڻ عوام جي خدمت نه آهي پيپلزپارٽي ڪراچي جي شهرين جي خدمت ڪئي آهي ۽ خدمت جي بنياد تي ڪراچي جي عوام پيپلزپارٽي کي مينديٽ ڏنو سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهندڙن جو دور گذري چڪو آهي هن چيو ته ڪراچي جي عوام جي پاڻي جو مسئلو به حل ٿيندو ۽ ڪراچي ترقي به ڪندو سعيد غني چيو ته اسان پنهنجي قيادت جي حڪم تي ايم ڪيو ايم تي تنقيد نٿا ڪريون انجو فائدو نه ورتو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو