ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون اردو چوڪ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. نارٿ ناظم آباد ۾ تيز ڌماڪي سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب اورنگي ٽائون ۾ اردو چوڪ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. مقتول جي سڃاڻپ 24 ورهين جي عمير طور ٿي آهي. پوليس جاچ ڪري رهي آهي ته واقعو ڪيئن پيش آيو.پوليس موجب نارٿ ناظم آباد ڊولمين مال ڀرسان جهيڙي دوران ڳڀرو شيءِ مٿي تي لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 18 ورهين جي محسن طور ٿي آهي.پوليس موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي گودام چورنگي وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. متاثرن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.ٽرالر واقعي واري هنڌ موجود آهي ۽ ڊرائيور غائب آهي، ٽرالر کي پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.پوليس موجب مائي ڪلاچي روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ شهري ڦر دوران ڦر دوران فائرنگ ڪري ڏني. شهري جي فائرنگ سان ڏوهاري صدام حسين زخمي ٿي پيو، زخمي جوابدار جو ساٿي فرار ٿي ويو.ريسڪيو اختيارين موجب هجرت ڪالوني گهٽي نمبر 34 ۾ بابا هوٽل ويجهو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. فوتي جي سڃاڻپ 30 ورهين جي ابراهيم جي نالي سان ٿي آهي.










