اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي کي جرمني ويندي فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي اربع تي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ڀارتي سرڪار گذريل هفتي اجازت لاءِ درخواست ڪئي هئي جيڪا مشاورت بعد رد ڪئي وئي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ڀارتي ظلمن سبب اهڙو فيصلو ڪيو ويو. مودي 20 سيپٽمبر تي ويندي مهل ۽ 28 سيپٽمبر تي موٽندي وقت فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، جيڪا رد ڪئي وئي. هاڻي کيس وڏو وڪڙ ڪري جرمني وڃڻو پوندو. پاڪستان اڳ ۾ 7 سيپٽمبر تي ڀارتي صدر جي به فضائي حدون استعمال ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي هئي.










