ڪي پي ۾ 16 ڄڻن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا:اختياريون

ڪي پي ۾ 16 ڄڻن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا:اختياريون

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ فوجي اڏن تي حملن ۽ قومي هيروز جي مجسمن جي بي حرمتي ۾ ملوث 16 ماڻهن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا.اختيارين موجب مردان ۾ 6 ڄڻن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايو ويندو، جن ۾ شاهزيب، رحمت الله، عدنان، شاڪر الله، سيد عالم ۽ ياسر سرنواز شامل آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته مردان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.پوليس مردان جي مختلف علائقن مان جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.حڪومتي اختيارين موجب مالاڪنڊ، دير ۽ بنون مان گرفتار 10 جوابدارن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس به هلايو ويندو، مالاڪنڊ مان 4، دير ۽ بنون مان 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.حڪومتي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن تي فوجي ۽ ٻين تنصيبات تي حملن جو الزام آهي ۽ هن وقت تائين 16 ماڻهن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو