صوبي کي ڌرتي ماءُ نٿا مڃون، اهو لقب رڳو پاڪستان لاءِ آهي:خالد

صوبي کي ڌرتي ماءُ نٿا مڃون، اهو لقب رڳو پاڪستان لاءِ آهي:خالد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ جي پروگرام ۾ معيار ۽ مقدار ٻئي آهن، ڪراچي ۾ 3 ڪروڙن جي ڪڻڪ جڏهن ايندي آهي ته آبادي گهٽ هوندي آهي ڪاڏي وڃي؟،اعليٰ مهارت رکندڙ سرڪاري ملازمن آدمشماري ۾ ڳڙٻڙِ ڪئي،اسان ڪنهن به صوبي کي ڌرتي ماءُ نٿا سمجهون، اهو لقب رڳو پاڪستان جو آهي، جيڪا رياست مردم شماري نه ڪرائي سگهي اها آدم شناص نه هوندي،اسان جي 7 ايم ايز اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو ٻيو ڪو نه ڪري سگهيو، اسان صوبي کي ڌرتي ماءُ نٿا سمجهون،صوبا صرف انتظامي يونٽ آهن جهڙوڪ ڊويزن ۽ ضلعا آهن، جڏهن بشرا زيدي واقعو ٿيو ته شهر جي ميئر جو تعلق جماعت اسلامي سان هو، اسان جي اچڻ بعد پختون مهاجرن وارو تڪرار ختم ٿي ويو،سڄي پاڪستان ۾ ڪنهن کي گهٽ ۽ ڪنهن کي وڌيڪ نه ڳڻيو وڃي،اسان جو مطالبو صرف اهو آهي ته آدمشماري درست ٿيڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو