اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته 9 مئي تي عمران خان جي حامين سرڪاري ۽ عسڪري ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ باهه لڳائي 2014 ۾ پي ٽي آئي پي ٽي وي تي ۽ 2023 تي ريڊيو پاڪستان پشاور تي حملو ڪيو آهي پرتشدد احتجاج، فوجي هنڌن تي حملن ۽ باهه لڳائڻ جو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي ذميوارن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي عوام جي جان ۽ مال ۽ بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ملڪ ۾ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون اڱاري تي سياسي صورتحال تي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته بدعنواني جي الزام ۾ عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ ٿيندڙ تشدد جي واقعن جي ٻن هفتن کان پوءِ صورتحال واضح ٿي سامهون آئي آهي. ڪيئن واقعا ٿيا 9 ۽ 10 مئي تي ٿيندڙ احتجاج ۾ عوام جي وڏي انگ حصو نه ورتو ۽ نه ئي هي ڪوئي احتجاج جو جمهوري طريقو هو هي هڪ تشدد هو ۽ ان جو مقصد سياسي فائدو حاصل ڪرڻ هو ۽ هي عمران خان جي پولڳن جي شرپسندي هئي. هن چيو ته جمهوري احتجاج پرامن ٿيندو آهي ۽ ان جو اظهار نعرن، پلي ڪارڊز ۽ ٻين طريقن سان ڪيو وڃي ٿو ۽ هن احتجاج جو اظهار تشدد، باهه لڳائڻ ۽ تباهي ڪرڻ جي هٿڪنڊن جي ذريعي ناهي ٿيندو هن چيو ته هاڻي اها ڳالهه به واضح ٿي وئي آهي ته انهن مظاهرن ۾ جنهن قسم جو بيان ڪيو وڃي ٿو ته هزارن جي انگن ۾ ماڻهو شامل نه هئا ۽ عمران خان جي گرفتاري جي خلاف ماڻهن جو وڏو انگ بلڪل ٻاهر نه نڪتو هن چيو ته اسلام آباد ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هئا ۽ مختلف وڏن شهرن ۾ عمران خان جي پارٽي جا انتشار پسند احتجاج لاءِ نڪتا ۽ انهن ڪراچي کان پشاور تائين سڄي ملڪ ۾ اهڙيون ڪارروايون ڪيون عمران خان جي ماڻهن دفاعي حساس هندن تي حملا ڪيا ۽ باهيون لڳايون شهيدن جي يادگارن مواصلات جي نطام، ريڊيو پاڪستان اسڪولن ايمبولنسز پرائيويٽ گاڏين ۽ رڪشائن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.










