عورتن لاءِ خان منهنجو گانو استعمال ڪيو جيڪو اعزاز آهي

عورتن لاءِ خان منهنجو گانو استعمال ڪيو جيڪو اعزاز آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ڳائڻي عاصم اظهر پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي پنهنجي پارٽي جي عورتن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجو گيت استعمال ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.عمران خان مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن جي پس منظر ۾ عاصم اظهر پاران ڳايل اصل سائونڊ ٽريڪ (او ايس ٽي) جو ايڊٽ ڪيل ورزن ڊراما سيريل ”ضنفِ آهان“ لاءِ ٻڌي سگهجي ٿو.وڊيو ۾ 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ پي ٽي آءِ جي عورتن جي ڪارڪنن جون مختلف ڪلپس ڏيکاريل آهن.عاصم اظهر عمران خان جي ٽوئيٽ تي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته اهو منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته جيڪو گيت مون لکيو ۽ ڳايو اهو اسان جي ڪپتان پاڪستان جي عورتن جي حوصلا افزائي لاءِ شيئر ڪيو، هوءَ اٿي بيٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو