ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي اپيل تي زوب بلوچستان ۾ مرڪزي امير سراج الحق جي قافلي تي ٿيندڙ آپگهاتي حملي خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين زبردست احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مظاهرين کي هٿن ۾پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي “ دهشتگردي نامنظور، دهشتگردن کي گرفتار ڪريو، پاڪستان زنده باد” جا نعرا لکيل هئا جڏهن ته احتجاج ڪندڙن حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي. ان سلسلي ۾ سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ٺل، دادو، شهداد ڪوٽ، نواب شاه، ٽنڊوآدم، حيدرآباد، بدين، ٺٽي سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا جن کي مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته امير جماعت جي قافلي تي حملو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي مڪمل ناڪامي آهي، حڪمرانن جي ذميواري آهي ته سياسي، ديني جماعتن جي اڳواڻن سميت ملڪ جي هر شهري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪن، سراج الحق هميشه بلوچستان سميت ملڪ جي پيڙهيل ۽ مظلوم طبقي جي حقن جي ترجماني توڙي ظالمن خلاف آواز اُٿاريو آهي، جماعت اسلامي “ حق دو گوادر ڪو” تحريڪ جي باني مولانا هدايت الرحمن جي اخلاقي ۽ سياسي مدد سان گڏ سندس آزادي لاءِ پڻ ڀرپور آواز بلند ڪيو. جماعت اسلامي لاڙڪاڻو پاران فاران اسڪول کان جناح پارڪ تائين صوبائي امير محمد حسين محنتي جي اڳواڻي ۾احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن کي ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو، ايڊوڪيٽ عاشق ڌامراه،رميز راجه شيخ خطاب ڪيو. صوبائي امير چيو ته سراج الحق جي قافلي تي بزدلاڻو حملوحڪومت جي نااهلي کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي هي حڪومت عام ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، قومي قيادت محفوظ ڪونه آهي ته عام ماڻهن جو ڪهڙو حال هوندو. خيرپور ۾سوڪ سينٽر کان خيرپور پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن کي خطاب ڪندي نائب صوبائي امير ممتاز حسين سهتو خطاب ڪندي چيو ته سراج الحق تي حملو امن، رواداري، جمهوريت ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل تي حملو آهي، جماعت اسلامي ملڪ جي اندر قانون، دستور ۽ جمهوريت جي پاسداري ڪندي جدوجهد ڪري رهي آهي، جڏهن ملڪ جا سڀئي ادارا ۽ سياستدان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن ته سراج الحق واحد شخص آهي جيڪو انهن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيوآهي، پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته سازشي قوتون ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ڏسڻ نٿا چاهين. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته دهشتگردن جي ماسٽرمائنڊ تائين پهچي کين ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ جماعت اسلامي احتجاج جو دائرو سڄي ملڪ تائين پکيڙي ڇڏيندي. ان موقعي تي ضلعي امير ثناالله جوڻيجو، امتياز حسين سهتو ۽ دُرمحمد خاصخيلي پڻ خطاب ڪيو.ٺُل ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي رٿيل مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سراج الحق جي قافلي مٿان خودڪش حملو سيڪورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، اسين پُرزور مطالبو ٿا ڪريون ته امير جماعت مٿان حملي ۾ ملوث دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده اهڙن واقعن جو سدباب ٿي سگهي. سکر ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو، ضلعي امير ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته دهشتگرد حملن جو قوم اڳ ۾ به بهادري سان مقابلو ڪيو آهي ۽ آئنده به ڪنداسين، معصوم ۽ بي گناه ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارا انسان چورائڻ جي لائق به ڪونه آهن. سراج الحق پاڪستان جي سياسي ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو هو جيڪا ڳالهه ملڪ دشمن قوتن کي پسند ڪونهي انهي ڪري مٿس حملو ڪيو ويو، دشمن ملڪ ۾ وڌيڪ انتشار ۽ فساد پيدا ڪرڻ چاهي ٿو جنهن کي جماعت اسلامي پُرامن احتجاج ذريعي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، هن حملي ۾ اُهي ساڳيا دهشتگرد ملوث آهن جيڪي ٻن ڏهاڪن کان فاٽا ۽ بلوچستان ۾ سڪورٽي ادارن ۽ عام ماڻهن مٿان حملا ڪري رهيا آهن. هڪ پاسي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ته ٻي طرف بلوچستان ۽ فاٽا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جو جن بي قابو ٿي چڪو آهي، وفاقي حڪومت ۾ شامل جماعتون پنهنجي ذاتي مفادن جي نگهباني ۽ نيب جا ڪيس ختم ڪرڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته عوام جو ڪوبه والي وارث ڪونه آهي، مهانگائي کان پوءِ دهشتگردي عوام جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، سيڪورٽي ادارا ۽ پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪا آهن. هوڏانهن ٽنڊو آدم ضلعي امير عبدالغفور انصاري، مشتاق عادل، بدين ۾ جماعت اسلامي پاران مسجد اقصيٰ کوسڪي روڊ کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي ضلعي امير سيد علي مردان شاه، الله بچايو هاليپوٽو، فتح خان کوسو، ٺٽه پريس ڪلب اڳيان ضلعي امير الطاف ملاح، مولانا عطاالرحمن بلوچ، ايڊوڪيٽ عبدالمجيد سمون ۽ عبدالله آدم گندرو، ٽنڊوالهيار ۾ ضلعي امير ديدار بهراڻي، جيڪب آباد پريس ڪلب سامهون صوبائي امير محمد حسين محنتي، عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير ديدار لاشاري، شڪارپور ۾ ضلعي امير عبدالسميع شمس ڀٽي، محمود الاهي هڪڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن ۾ وڏي انگ ۾ جماعت اسلامي ڪارڪنن ۽ عوام شرڪت ڪئي.#










