راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج جي تنصیبات تي حملن ۾ ملوث ماڻهن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري سگهجن ٿا.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ اسپيشل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن مادر وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب اجلاس کي اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.فورم گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سياسي مقصدن لاءِ پيدا ڪيل امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو.فورم کي شهيدن جي تصويرن ۽ يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ لاءِ جوڙيل وينڊلزم پلان بابت بريفنگ ڏني وئي.










