اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.اڄوڪو ڏينهن ماءُ کي سندن اولاد لاءِ ڏنل قربانين ۽ محبتن کي ساراهڻ جو ڏينهن آهي، ڪو به فرد، مذهب، قوم ۽ فرقو ماءُ جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهي، ان عظيم انسان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گوگل جو ڊوڊل به تبديل ڪيو ويو آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ماءُ جي مقدس رشتي جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماءُ لاءِ عقيدت، شڪرگذاري ۽ محبت جي جذبن کي اجاگر ڪرڻ آهي.ڀلي ته سال جو هر ڏينهن مائرن لاءِ هوندو آهي، پر خاص ڪري ’مادرس ڊي‘ هر سال مئي جي ٻئي آچر تي ملهايو ويندو آهي.’ما توجهي سلام‘، ماءُ جو ڏهاڙو، ماءُ جي ڏينهن جا خاص هيش ٽيگ پڻ سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ آهن.










