اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ ڌانڌلي ۾ ملوث ماڻهن جون تصويرون آهن، سڃاڻپ هلي رهي آهي ڪنهن کي به معاف نه ڪيو ويندو، جلد سڀ گرفتار ٿيندا ۽ کين سزائون ملنديون ۽ سندن مڪمل احتساب ڪيو ويندو.

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت پاڻ شرپسندن خلاف طاقت جو استعمال نه ڪيو ته اهي بي نقاب ٿي وڃن، عمران خان پوري محنت سان چند هزار فسادي تيار ڪيا. عمران خان جي ضمانت تي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن چيف جسٽس جوابدار کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪري ٿو ته پوءِ ٻئي عدالت وٽ ڪهڙو اختيار بچيو آهي؟ عدالت انهن ڪيسن ۾ به ضمانت منظور ڪئي جن جو اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿيو، ضمانت به انهن ڪيسن ۾ ڏني وئي جيڪي ڪنهن اداري جي ذهن ۾ هوندا. هن چيو ته عمران خان هڪ تماشو آهي، قوم کي ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ گهرجي، کيس ووٽ جي طاقت ذريعي رد ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي تربيت يافته دهشتگردن احتجاج جي اوٽ ۾ دهشتگردي ڪئي آهي ۽ هن جماعت تي پابندي لڳن گهرجي. راڻا ثناءَ چيو ته پي ڊي ايم ريڊ زون ۾ احتجاج جي اجازت ڏني ويندي، ڊي سي کي چيو ته رجسٽرار کي مڪمل يقين ڏياريو وڃي، هتي اڳ به پرامن احتجاج ٿي چڪا آهن.










