عمران خان ۽ بشريٰ جو غير قانوني نڪاح ڪيس ٻڌڻي جوڳو ناهي

عمران خان ۽ بشريٰ جو غير قانوني نڪاح ڪيس ٻڌڻي جوڳو ناهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي غير قانوني نڪاح واري ڪيس جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏي.سول جج نصر من الله جي عدالت ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي غير قانوني نڪاح واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار جي وڪيل راجا رضوان عباسي چيو ته جيڪڏهن شادي قانوني هئي ته ٻيهر شادي ڇو ڪئي؟ عيد دوران شادي ڪرڻ غير قانوني آهي، اهو چوڻ فراڊ آهي ته 2018ع جي پهرين ڏينهن شادي ڪئي ته پوءِ وزيراعظم بڻجي ويندي، جنوري 2018ع ۾ بشرا بي بي عيد تي هئي، نومبر ۾ طلاق ٿي وئي. جج پڇاڻو ڪيو ته عمران خان جي شادي لاهور ۾ ٿي، ان عدالت جو دائرو ڪيئن آهي؟وڪيل چيو ته فراڊ بني گالا مان شروع ٿيو ۽ شادي لاهور ۾ ٿي، نڪاح لاءِ اسلام آباد مان نڪاح به ڪرايو ويو، فيبروري 2018ع ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي جو نڪاح ٻيهر اسلام آباد ۾ ئي ڪرايو ويو. درخواستگذار جي وڪيل راجا رضوان عباسي جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت عمران خان خلاف غير قانوني نڪاح واري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو هاڻي ٻڌايو ويو آهي.عدالت محفوظ فيصلو ڏيندي چيو ته عدت ۾ نڪاح جي ڪيس جي درخواست عدالت جي دائري کان ٻاهر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو