عمران خان پنهنجي ڪرپشن جي ڪري گرفتار ٿيو:شرجيل ميمڻ

عمران خان پنهنجي ڪرپشن جي ڪري گرفتار ٿيو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ مختلف سياسي اڳواڻن کي مختلف وقتن ۾ گرفتار ڪيو ويو، پر ڪنهن جي پاران ڪڏهن اهڙو تشدد ۽ احتجاج ناهي ٿيو، جئين ڪالهه پي ٽي آئي ڪيو جنهن کي غيرملڪي طاقتن جشن طور تي ڏيکاريو. آصف علي زرداري کي ڪوڙن الزامن ۾ 12 سال نيب جي تحت جيل ۾ گذارڻا پيا هئا تنهن هوندي به هو سرخرو ٿيو. آصف علي زرداري جنهن صبر ۽ وقار سان گرفتاري پيش ڪئي اها سڀني کي ياد آهي. محترمه فريال ٽالپر کي عيد جي رات ۾ اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو. آغا سراج دراني کي اسلام آباد ۾ هوٽل جي ڪمري ۾ صبح جو 5 وڳي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ هو اڄ تائين ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي. آغا سراج دراني ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سرڪاري طور تي اسلام آباد ويو هو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آهي کيس گرفتار ڪرڻو هو ته ڪراچي مان پڻ گرفتاري ٿي سگهي پئي پر ائين نه ڪيو ويو. سيد خورشيد احمد شاهه کي پڻ گهر ۾ گهڙي ڪري گرفتار ڪيو ويو، اعجاز جکراڻي کي پڻ گهر ۾ داخل ٿي ڪري گرفتار ڪيو ويو. مونکي عدالتي احاطي ۾ گرفتار ڪيو ويو، ميڊيا جون ڪميرائون گواهه آهن، هن گرفتاري ۾ منهنجو اڄ تائين وارنٽ آف اريسٽ نه آهي، پر نيب ميمو آف اريسٽ ۾ لکيو ته مونکي عدالت جي احاطي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو. ميڊيا گواهه آهي ته هي سفيد ڪوڙ هو پوءِ به توهين عدالت ڪنهن کي ياد نه آئي. القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي عدالتن ۽ نيب کي مطمئن ڪرڻ آهي. عمران خان پنهنجي ڪرپشن جي ڪري گرفتار ٿيو، سياسي انتقام جو نشانو نه پيو بڻايو وڃي. شهرين کي اپيل آهي ته دڪان ۽ ڪاروبار کولن، حڪومت عوام کي تحفظ ڏيندي قانون هٿ ۾ کڻڻ وارن خلاف قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ سختي سان منهن ڏنو ويندو. تشدد ۽ بدامني ڦهلائڻ بدران توهان کي گهرجي ته پنهنجي صفائي پيش ڪريو، تلاشي ڏيو، ۽ ماڻهن جي زندگين سان راند نه ڪريو، ڪالهه جيڪي ڪروڙين روپين جي ماليت جون بسين کي ساڙيو ويو انهن کي ساڙڻ ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو پر امن احتجاج سڀني جو حق آهي، حڪومت پر امن احتجاج لاءِ فيلڊ ۽ سهولتون فراهم ڪندي پر روڊ بلاڪ ڪرڻ وارن ۽ وڳوڙين خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪڏهن ڪنهن قانون هٿ ۾ کنيو ته قانون جي مطابق سخت ڪارروائي ڪئي ويندي توهان ڪالهه واٽر بورڊ جي گاڏيون ساڙيون، پيپلز سروس بسن کي ساڙي هزارين شهرين جي سفري سهولت کي تباهه ڪيو، هي بسون ڪراچي جي شهرين جون آهن القادر ٽرسٽ جي مالڪ جون نه آهن. ڪراچي جي شهرين توهان کي ڪهڙو نقصان پهچايو هو ته توهان انهن جون بسون ساڙي ڇڏيون. او ليول ۽ اي ليول جا امتحان ملتوي ٿي ويا جنهن جو نقصان اسان جي ٻارن پاڪستان جي شاگردن کي پهتو، سربراهه پي ٽي آئي نه رڳو عوام پر ملڪ کي پڻ نقصان پهچائڻ ۾ لڳل آهي. وزيراعليٰ سنڌ ڪالهه هدايتون ڏنيون ته روڊ ڪليئر ڪرايا وڃن، پر ڪنهن کي به قسم جي فسادن کان پاسو ڪيو وڃي، سنڌ جي وزير عقلمندي جو مظاهرو ڪيو. واضح رهي ته سرڪاري پراپرٽي کي نقصان پهچائڻ وارن ۽ باهه ٻاريندڙن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو، انهن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي، ڪنهن کي به رعايت نه ڏني ويندي. مونکي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو، اڄ تائين ڪوبه منهنجو وارنٽ آف اريسٽ ڏيکاري، عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري نيب پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته عدالت ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي. مونکي 21 مهينا جيل ۾ رکيو ويو، پر ان ظلم ناانصافي ۽ سختي جي باوجود اسان صبر سان ڪيسن کي منهن ڏنو، ۽ اسان جي قيادت ڪنهن تي به پر تشدد احتجاج جي ڪال نه ڏني، پر ڪالهه پي ٽي آئي جيڪو تماشو ڪيو اهو ناقابل قبول آهي. ڪالهه پوري ملڪ ۾ پي ٽي آئي اهو ڪجهه ڪيو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙو ناهي ٿيو ڪالهه جي واقعن جي ڪلپس ڏيکاري ملڪ دشمن طاقتون جشن ملهائي رهيون آهن. احتجاج لاءِ ماڻهو ڪڍڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڪهڙي پارٽي احتجاج نٿي ڪري سگهي، پر ڪنهن به جمهوري پارٽي ڪڏهن به ان طرح جو تشدد احتجاج ناهي ڪيو. اسان جي ليڊرشپ کي گرفتار ڪيو ويو، اسان جي قائد محترمه بي نظير کي شهيد ڪيو ويو، اسان ان وقت به پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو. ڇا پيپلز پارٽي ڪنهن به اداري سان ٽڪراءُ ڪيو، اسان خدانخواسته ملڪ جي خلاف ڪوئي سازش ناهي ڪئي. اڄ به عمران خان سان لاڏلي وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ان کي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هاڻي نيب جي رمانڊ 90 ڏينهن جو ناهي وڌ کان وڏ صرف 14 ڏينهن جو آهي، پر انهيءَ نيب جي قانون جي تحت عمران خان سياسي مخالفن کي ڳولي ڳولي نشانو بڻايو هو. اڄ الله جي بي آواز لٺ پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي، پر اسان ڪنهن جي گرفتاري تي جشن نه پيا ملهايون، عمران خان جيڪا ڪرپشن ڪئي آهي، ان جي بنياد تي ان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ٻٽو معيار ڪيستائين هلندو رهندو ان ملڪ ۾، ڪنهن کي توهان ڀت ۾ لڳائي رهيا آيو، ڪنهن کي توهان رعايتون ڏئي رهيا آهيون، پنجاب ۾ ڪالهه جيڪو ٿيو ان مان ڪهڙو ملڪ خوش ٿيندو، انهن سمورين شين مان ملڪ دشمن قوتون فائدو کڻي رهيون آهن. پي ٽي آئي کي احتجاج ڪرڻو آهي ته پر سنڌ حڪومت روڊن تي عوام کي پريشان ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت اها ڪوشش رهندي ته شهر جي هر علائقي مان پيپلز بس سروس گذري ۽ علائقي جا شهري ان شاندار سستي، آرامده بس سروس مان فائدو حاصل ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو