اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جي سياست جو غيرضروري عنصر آهي، کيس ملڪي سياست مان نيڪالي ڏني وڃي، قومي ادارن جا در ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ بغاوت ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو عقل کان عاري آهن، اهي ڳالهين جي قابل نه آهن، ڪالهه کان پيش آيل واقعن جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، اسان به ناراض هئاسين پر ڪنهن به رياستي ملڪيت کي نقصان نه پهچايو هن چيو ته حڪومت موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي هوندي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن کي بخش نه ڪرڻ گهرجي










