مبينا ڌيءُ لڪائڻ وارو ڪيس: عمران خان خلاف درخواست رد

مبينا ڌيءُ لڪائڻ وارو ڪيس: عمران خان خلاف درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيئرمين عمران خان جي ڌيءَ کي مبينا طور لڪائڻ جي الزام ۾ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ 31 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. جڏهن ته چيف جسٽس عامر فاروق، جيڪو بينچ جو حصو آهي، اڃا تائين پنهنجو فيصلو جاري نه ڪيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر عمران خان خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس ارباب محمد طاهر جسٽس محسن اختر ڪياني جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي.3 رڪني بينچ جي ٻن ججن پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.واضح رهي ته 2 فيبروري 2023 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن ۾ سندس مبينا ڌيءَ ٽريين جيڊ وائيٽ جو ذڪر نه ڪرڻ تي نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو هو.پهرين فيبروري تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو ۽ جج کي اپيل ڪئي ته ڪيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواستگذار استدعا ڪئي ته عدالت عمران خان کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ تي آئين جي آرٽيڪل 62 (ون) (ايف) تحت نااهل قرار ڏئي.نامزدگي ڪاغذن ۾ مبينا ڌيءُ ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ساجد محمود جي درخواست تي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو