اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته عمران خان تي ڪنهن به قسم جو تشدد ناهي ڪيو ويو، جيڪڏهن هو جاچ ۾ شامل هجي ها ته گرفتاري کانسواءِ ريفرنس هلي سگهي ها.عمران خان جي گرفتاري جي حوالي سان بيان ڏيندي عمران خان چيو ته هي باقاعده دستاويزي ڪيس آهي، جيڪڏهن عمران خان جاچ ۾ شامل هجي ها ته گرفتاري کانسواءِ ريفرنس هلي سگهي ها. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان نوٽيس باوجود پيش نه ٿيو، کيس قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ تي نيب گرفتار ڪيو آهي، مٿس ڪو به تشدد ناهي ڪيو ويو.










